ڪشمور/ڪراچي: سنڌ حڪومت امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ هر سطح تي مڪمل انتظامات ڪري ڇڏيو آهي. فلڊ اينڊ رين ايمرجنسي ٽيم سان گڏ صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس مڪيش ڪمار چاولا گڊو بيراج ۽ حفاظتي بچاءَ بندن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. ان دورو ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور آغا شير زمان، رينجرز ڪرنل وِينگ ڪمانڊر طلال احمد ۽ ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد پڻ موجود هئا. صوبائي وزير چيو ته امڪاني ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ سڀ انتظامات مڪمل آهن ۽ حفاظتي بندن سان گڏ ميڊيڪل ۽ وٽرنري ڪئمپون پڻ قائم ڪيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي سطح ۽ بندن جي نگراني جاري آهي، ۽ پنجند تي پاڻي پهچڻ کان پوءِ ئي صحيح معلومات حاصل ٿيندي ته پاڻي ڪيترو هتي اچي ٿو. ڪچي واسي ماڻهو احتياطي تدبيرون اختيار ڪن. صوبائي وزير واضح ڪيو ته جيڪڏهن وڌيڪ پاڻي اچي به ته بند آرام سان ڪراس ٿي ويندو، ۽ امڪاني ٻوڏ متاثرن لاءِ حفاظتي بندن سان گڏ ميڊيڪل ۽ جانورن جي سنڀال جا انتظام موجود آهن. ڪي ڪي بچاءَ بند تي ڊپنگ جو ڪم ڏينهن رات جاري آهي. واضح رهي ته 2010 جي ٻوڏ کان پوءِ بندن کي 6 فٽ بلند ڪيو ويو آهي، جيئن مستقبل ۾ پاڻي جي وڌندڙ سطح کي سنڀالڻ ۾ مدد ملي. سنڌ حڪومت سيلاب دوران سرڪاري عمارتن ۾ ريليف ڪئمپون پڻ قائم ڪندي.