لوئر ڪرم ۾ مسافر گاڏي تي فائرنگ، 7 ڄڻا مارجي ويا، علائقي ۾ سرچ آپريشن

خيبرپختونخواهه جي علائقي لوئر ڪرم ۾ نامعلوم هٿياربندن پاران مسافر گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 7 بيگناهه ماڻهو مارجي ويا آهن. واقعو احمد خان ڪلي جي ڀرسان پيش آيو، جتي حمله آورن گاڏي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا. پوليس ذريعن مطابق، حملي بعد علائقي کي ڪڙو گهيرو ڪري سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. مارجي ويل ماڻهن جا لاش ٽي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جتي سندن سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. ڊي پي او: امن بگاڙڻ جي سازش ضلعي پوليس آفيسر (ڊي پي او) ملڪ حبيب واقعي کي علائقي جي امن خلاف سازش قرار ڏيندي چيو ته، “اهڙن عملن جي آڙ ۾ علائقي جو امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وڃي، پر اسان اهڙن سازشن کي ناڪام بڻائينداسين.” ايم اين اي حميد حسين جي مذمت واقعي تي ردعمل ڏيندي قومي اسيمبلي جي ميمبر انجنيئر حميد حسين چيو ته، “احمد خان ڪلي هڪ پرامن علائقو رهيو آهي، هتي دهشتگردي جي ڪوشش واضح شرپسندي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب نه ٿيڻ ڏنو ويندو.” تحقيقات جاري، سيڪيورٽي هاءِ الرٽ پوليس جو چوڻ آهي ته، واقعي بابت جاچ جاري آهي ۽ امڪاني دهشتگردي يا ذاتي دشمني سميت سڀ پاسا جاچيا پيا وڃن. سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ وڌيڪ نفري مقرر ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ٻيهر اهڙي صورتحال پيش نه اچي.

پنھنجي راءِ لکو