چين ۾ ٻي عالمي جنگ (ٻئي جنگ عظيم) جي فتح جي 80هين سالگره جي موقعي تي بيجنگ ۾ شاندار فوجي پريڊ ڪوٺائي وئي، جتي ايشيا جي ٽن وڏن ملڪن – چين، روس ۽ پاڪستان جا اعليٰ اڳواڻ گڏ نظر آيا. تقريب ۾ چين جو صدر شي جن پنگ، روس جو صدر ولاديمير پيوٽن ۽ پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف گڏجي پريڊ وينيو ۾ داخل ٿيا، جنهن کي عالمي ميڊيا پاران وڏي پيماني تي ڪوريج ڏني وئي. ايشيائي اتحاد جو مظاهرو ٽياڪڙي ۾ ٽنهي اڳواڻن جي موجودگي کي ”ايشيائي طاقتن جي نئين سياسي صف بندي“ قرار ڏنو پيو وڃي. مبصرين جو چوڻ آهي ته، “اهو مظاهرو خطي ۾ نئين اسٽرٽيٽجڪ اتحاد ۽ طاقت جي توازن جي واضح علامت آهي.” ڀارتي وزيراعظم غير حاضر انهي تقريب لاءِ ڀارتي وزيراعظم کي دعوت نه ڏيڻ بابت مبصرن جو چوڻ آهي ته، “اهو فيصلو خطي ۾ بدلجندڙ سياسي توازن ۽ چين-ڀارت لاڳاپن جي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿو.” ان عمل کي سفارتي سطح تي ”سياسي پيغام“ به قرار ڏنو ويو آهي. تاريخ ۽ حڪمت عملي جو ميلاپ هي پريڊ نه صرف ماضي جي فوجي فتح ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هئي، پر ان سان گڏوگڏ موجوده عالمي ۽ علائقائي سياسي صورتحال جو عملي اظهار به ڪيو ويو. چين پاران پريڊ جي ذريعي دنيا کي واضح پيغام ڏنو ويو ته ”ايشيا پاڻمرادو هڪ نئين حڪمت عمليءَ طرف وڌي رهيو آهي.“