روس جو وڏو قدم: چيني شهرين لاءِ بغير ويزا داخلا جو اعلان

ماسڪو: روسي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته هاڻ چيني شهري بغير ويزا روس ۾ داخل ٿي سگهندا، اها سهولت 15 سيپٽمبر 2025 کان لاڳو ٿيندي ۽ ابتدائي طور هڪ سال تائين جاري رهندي۔سياحت ۽ واپار کي هٿي ملنديروسي وزير خارجہ ۽ اميگريشن اختيارين موجب، هن فيصلي جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياحت، واپاري لاڳاپن ۽ عوامي سطح تي ڏي وٺ کي فروغ ڏيڻ آهي۔ روسي حڪومت چيو آهي ته چيني شهرين کي مقرر مدت تائين بغير ويزا ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت حاصل هوندي۔چين جو ساڳيو جوابٻئي طرف چين جي وزارت خارجہ به اعلان ڪيو آهي ته روسي شهرين کي به اهڙي ئي سهولت ڏني ويندي۔ هاڻ عام پاسپورٽ رکندڙ روسي شهري بغير ويزا چين ۾ داخل ٿي 30 ڏينهن تائين رهي سگهن ٿا۔اعتماد ۽ لاڳاپن ۾ نئون بابسفارتڪارن ۽ تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جو هي گڏيل قدم نه رڳو ٻه طرفي اعتماد وڌائيندو پر تجارتي لاڳاپن ۽ سفارتي رشتن کي به وڌيڪ مضبوط ڪندو۔ ان سان گڏ عوامي لاڳاپن ۽ سياحتي سرگرمين ۾ به مثبت اڳڀرائي جو امڪان آهي۔