عالمي بئنڪ پاڪستان کي 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ قرض ڏيندو،

اسلام آباد: عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ مالي سال 2025-26 ۾ 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ ماليت جو قرض فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.اقتصادي معاملن واري ڊويزن مطابق اهو قرض انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن (IDA) ۽ انٽرنيشنل بينڪفار ري ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊويلپمينٽ (IBRD) ذريعي ڏنو ويندو، جنهن جو مقصد ملڪ ۾ جاري ترقياتي منصوبن کي سهارو فراهم ڪرڻ آهي۔اختيارين موجب هن وقت عالمي بئنڪ جي فنڊنگ سان پاڪستان ۾ 16.6 ارب ڊالر ماليت جا 57 منصوبا هلي رهيا آهن، جيڪي زراعت، پاڻي، توانائي، فنانس، ٽيڪس ريونيو، مواصلات، ڳوٺاڻي ترقي، شهري بهتري، انساني وسيلن جي ترقي، سماجي خدمتن ۽ گورننس سان لاڳاپيل آهن۔گذريل 7 سالن جو قرضي جائزوانگن اکرن موجب عالمي بئنڪ گذريل 7 سالن دوران پاڪستان کي 11.84 ارب ڊالر فراهم ڪري چڪو آهي، جنهن ۾:توانائي لاءِ سڀ کان وڌيڪ 1.96 ارب ڊالر ڏنا ويا،مالي سال 2024-25 ۾ 1.80 ارب ڊالر،2023-24 ۾ 2.24 ارب ڊالر،2022-23 ۾ 2.12 ارب ڊالر،2021-22 ۾ 1.59 ارب ڊالر،2020-21 ۾ 2 ارب ڊالر،جڏهن ته 2019-20 ۾ 1.37 ارب ڊالر جو قرض ڏنو ويو هو۔ايندڙ منصوباحڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ سالن ۾ به عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ مختلف ترقياتي شعبن ۾ وڌيڪ 8.6 ارب ڊالر تائين قرض ڏيڻ جو امڪان آهي، جنهن سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري وڌڻ، روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيڻ ۽ معيشت کي استحڪام ملڻ جي اميد آهي۔