ڪنڌڪوٽ: گڊو بئراج وٽ پاڻي ۾ تيزي سان واڌ، ايندڙ ڪلاڪن ۾ وهڪرا 6 لک ڪيوسڪ تائين پهچڻ جو امڪان

ڪنڌڪوٽرپورٽ: عبدالخالق چاچڙ: گڊو بئراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ايندڙ ڪلاڪن ۾ وهڪرو 6 لک ڪيوسڪ تائين پهچي سگهي ٿو۔تازن انگن اکرن موجب گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 3 لک 69 هزار 349 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 54 هزار 224 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي۔ ڪالهه شام 6 وڳي تائين مٿانهون وهڪرو 3 لک 58 هزار ڪيوسڪ هو، يعني صرف ڪجهه ڪلاڪن ۾ لڳ ڀڳ 11 هزار ڪيوسڪ جو اضافو ٿيو آهي۔NDMA جو خبردار ڪرڻقومي آفتن واري اداري (NDMA) خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ ڪلاڪن ۾ درياءِ سنڌ ۾ پاڻي جو وهڪرو 5 لک کان 6 لک ڪيوسڪ تائين پهچي سگهي ٿو، جنهن سبب گڊو بئراج ۽ ڀرپاسي علائقن تي دٻاءُ وڌڻ جو امڪان آهي۔ضلعي انتظاميه جو الرٽضلعي انتظاميه پاران ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته هو فوراً محفوظ ۽ پڪي هنڌن ڏانهن منتقل ٿين، ڇو⁠تہ پاڻي ۾ مسلسل واڌ سان ٻوڏ جو خطرو وڌي رهيو آهي ۽ ان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي۔