دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي حمايت جاري رکنداسين: بلاول ڀٽو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ مان انتها پسندي ۽ دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڀرپور حمايت جاري رهندي۔بلاول ڀٽو بنون ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملي ۽ لکي مروت ۾ پوليس اهلڪارن تي فائرنگ جي سخت مذمت ڪندي چيو ته ايف سي ۽ پوليس جا بهادر جوان پنهنجي ارادن ۽ جذبي سان دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻايا، جنهن تي کين خراجِ تحسين پيش ڪجي ٿو۔شهيدن کي خراجِ عقيدتبلاول ڀٽو زرداري فائرنگ ۽ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي ۽ پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ سندن خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو۔ هن زخمي اهلڪارن ۽ شهرين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي۔دهشتگردي خلاف عزمپيپلز پارٽي جي چيئرمين واضح ڪيو ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم ۽ سيڪيورٽي ادارا گڏ آهن ۽ اهو عزم اڳتي به قائم رهندو۔ڪوئٽه ڌماڪي جي مذمتبلاول ڀٽو زرداري ڪوئٽه ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي ريلي ۾ ٿيل ڌماڪي جي به مذمت ڪئي۔ هن قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن ۽ بي اين پي (ايم) جي قيادت سان تعزيت ڪئي ۽ چيو ته يقين آهي ته دهشتگرد جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ ايندا۔هن بلوچستان حڪومت کي اپيل ڪئي ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ شهرين جي علاج لاءِ مڪمل انتظام ڪيا وڃن۔