خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ ٽڪيٽن جي ورهاست تي ٿيندڙ تنقيد تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هن معاملي ۾ منهنجو ڪوبه ڪردار نه هو، فيصلا باني چيئرمين عمران خان جا هئا، تنهن هوندي به تنقيد منهنجي ذات تي ڪئي وئي. پشاور ۾ هڪ اجلاس دوران ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ”ٽڪيٽن جي ورهاست ۾ منهنجو ڪهڙو ڪم؟ سينيٽ چونڊن ۾ ڊرامو ڪيو ويو، مون تي تنقيد ڪئي وئي جڏهن ته اسان خان جي حڪم تي عمل ڪندا آهيون، ڇو ته پارٽي انهيءَ جي ئي آهي.“ علي امين گنڊاپور وڌيڪ چيو ته عمران خان سان ملاقات نه پئي ڪرائي وڃي، منهنجو خان سان رابطو نه ٿيڻ سبب پارٽي کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي، پارٽي ورهائجي رهي آهي، جڏهن ته باني چيئرمين چاهي ٿو ته پارٽي ۾ ورهاست نه ٿئي. هن واضح لفظن ۾ چيو ته: ”عمران خان سان ملاقات روڪيندڙ اسان جا دوست نه پر دشمن آهن، اهي ڪامياب ٿي رهيا آهن ڇو ته پارٽي انتشار جو شڪار ٿي وئي آهي.“ وڏي وزير ٻڌايو ته جڏهن خان طرفان سينيٽ اميدوارن جا نالا آيا ته ڪيترن ماڻهن چيو ته اهو ڪوڙ آهي، خان نالا نه ڏنا آهن، پر بعد ۾ عمران خان پاڻ نالا ڏيڻ جي تصديق ڪئي، تنهن هوندي به تنقيد ڪندڙن مان ڪنهن به معافي نه ورتي. هن وڌيڪ چيو ته: ”ڪنهن به بيشرم اهو نه چيو ته مان معافي گهران ٿو، بيشرمي وارو ڪم اهوئي آهي ته ڍيٽ بڻجي وڃان، ڪجهه به نه چوان ۽ نه وري ثابت ڪري سگهان.“ علي امين گنڊاپور ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته باني چيئرمين سان سندس آخري ملاقات 2 اپريل تي ٿي هئي، ان کان پوءِ ملاقات نه ٿيڻ سان پارٽي اندر مسئلا وڌي رهيا آهن.