سکر ڊسٽرڪٽ بار ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو شاندار استقبال، نوجوانن لاءِ نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان

سکر: جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سکر ڊسٽرڪٽ بار جي دوري دوران وڪيلن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو، جتي هن وڪيل برادري کي خطاب ڪندي اهم سياسي ۽ ماحولياتي معاملا اٿاريا۔ جونيئر ڀٽو چيو ته مون کي سکر سان عشق آهي، جيڪو عشق سنڌو درياءَ، ٻلهڻ، مهاڻن ۽ هتي جي عوام لاءِ آهي۔ اڳ ۾ اهو خوف هو ته اسان اڃ ۾ مري وينداسين، هاڻي اهو خوف آهي ته سڀ ٻڏي وينداسين۔ بدقسمتي سان اسان وٽ ماحولياتي مسئلن کي ڪڏهن به اهميت نه ڏني وئي آهي، جڏهن ته صورتحال اهڙي آهي ڄڻ نئين ٻوڏ اچي رهي آهي۔ هن چيو ته 2022ع جي ٻوڏ دوران به حڪمرانن عالمي ادارن کان فنڊ ورتا پر اڄ تائين خبر ناهي ته اهي ڪٿي خرچ ٿيا۔ صرف دريائن جا لنگهه کولڻ جا واعدا ڪيا ويا پر عملي طور ڪجهه به نه ٿيو۔ خطاب دوران جونيئر ڀٽو اعلان ڪيو ته هو پنهنجي ڀيڻ سان گڏجي نوجوانن لاءِ نئين سياسي پارٽي ٺاهيندو، ڇو⁠تہ نوجوان ئي اسان کي نئون رستو ڏيکاريندا۔ هن چيو ته پاڪستان جي ترقي قدرتي ماحول، ڌرتي ۽ دريائن سان جڙيل آهي ۽ ترقي ان وقت ئي ممڪن آهي جڏهن پاڻي ۽ معدنيات بابت واضح پاليسي جوڙي ويندي۔ هن وڌيڪ چيو ته تاريخ شاهد آهي ته هارين ۽ شاگردن وڏا جدوجهد ڪري نظام ۾ تبديلي آندي، ۽ اڄ به نوجوان تبديلي ۽ انقلاب لاءِ تيار آهن۔ اسان آئين کي 1973ع جي اصل شڪل ۾ بحال ڪرڻ چاهيون ٿا، ڇو⁠تہ بار بار ٿيندڙ ترميمن آئين کي بگاڙي ڇڏيو آهي۔ جونيئر ڀٽو جو چوڻ هو ته پاڪستان قوم نه پر قومي اتحاد آهي، وفاق جو احترام ڪرڻ ضروري آهي پر پهريان صوبن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ گهرجي۔ هن وڌيڪ چيو ته اسان سوشلزم جو اهڙو نئون چهرو آڻينداسين جيڪو ماڻهن کي محفوظ رکندي کين پاڻي ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪندو۔سندس چوڻ هو ته سياسي طاقت ۽ مضبوط ارادي سان ايشيا ۾ اڳواڻي ڪري سگهجي ٿي، پر افسوس جو سنڌ طاس معاهدو مغرب آڏو سر جهڪائڻ جي قيمت تي ٿيو ۽ اسان ڀارت کي پاڻي جي حوالي سان رستو ڏئي ڇڏيو۔

پنھنجي راءِ لکو