اسلام آباد: پاڪستان افغانستان ۾ تازو آيل تباهه ڪن زلزلي جي متاثرن لاءِ 105 ٽن امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو آهي۔اسلام آباد ۾ اين ڊي ايم اي جي ويئر هاؤس مان سامان روانگي جي هڪ تقريب ٿي، جنهن ۾ وفاقي وزير راندين داس ڪوهستاني، اين ڊي ايم اي ۽ پرڏيهي وزارت جا آفيسر شرڪت ڪئي۔وزيراعظم جي هدايت تي اين ڊي ايم اي طرفان موڪليل امدادي سامان ۾ راشن بيگز، خيما، ڪمبل، چٽا ۽ ضروري دوائون شامل آهن۔ امداد پنج وڏن ٽرڪن ذريعي طورخم بارڊر کان افغانستان ڏانهن رواني ڪئي وئي، هر ٽرڪ ۾ 40 فُٽ ڪنٽينر موجود آهي۔ان سلسلي ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، افغان پرڏيهي وزير امير متقي سان ٽيليفون تي رابطو پڻ ڪيو۔ اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان هر ڏکئي وقت ۾ افغان ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ مدد جاري رکندو۔ياد رهي ته افغانستان ۾ آچر جي رات آيل زلزلي سبب 1400 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 3 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا، جڏهن ته ڪيترائي علائقا سخت متاثر ٿيا آهن۔