لاڙڪاڻو: مير نادر مگسي لاڙڪاڻو پھچي درياهه جي بندن جو جائزو ورتو، جڏهن ته موريا بند تي هاڪي اسپر جو پڻ معائنو ڪيو. چيف انجنيئر موريا بند جي مضبوطي بابت نادر مگسي کي تفصيلي بريفنگ ڏني صحافين سان ڳالهائيندي مير نادر مگسي چيو ته: “اسان بندن جي صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون، اسان مري وينداسين پر درياهه کي ڪٿي به ڪٽ هڻڻ نه ڏينداسين، جيڪو به ڪٽ هڻندو ان کي نه ڇڏينداسين۔” هن وڌيڪ چيو ته ڪٽ هڻڻ ڪو علاج ناهي، هڪڙي پاسي کي ٻوڙي ٻئي پاسي کي ٻوڙڻ مسئلي جو حل نه آهي. ٻوڏ جي پاڻي جا انگ اکر درست نه ڏيڻ ڪري مونجهارا پيدا ٿي رهيا آهن. نادر مگسي موجب موريا بند حساس آهي ۽ ان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم جاري آهي. سنڌو درياهه جو پاڻي موريا بند تي سڌي ريت هٽ ڪري رهيو آهي، جنهن سبب هتي هاڪي اسپر پڻ ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته بندن تي اسپر پاڻي جي دٻاءُ کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ ان جو هجڻ لازمي آهي. “اسان سپر فلڊ جي تياري ڪري رهيا آهيون، اميد آهي ته 8 لک کان پاڻي گهٽ ايندو.”