لاهور: پاڪستان جي نامور فلم ڊائريڪٽر سيد نور انڪشاف ڪيو آهي ته ماضي جي سپر هٽ فلم گهونگهٽ جي دوران هو اداڪاره صائمه تي عاشق ٿي ويو هو.هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي سيد نور ٻڌايو ته فلم گهونگهٽ لاءِ شروعاتي طور تي اداڪاره نيلي ۽ اداڪار نعمان اعجاز کي ڪاسٽ ڪرڻو هو، پر ٻنهي جي رخصت ٿيڻ کان پوءِ ان وقت جا ناڪام سمجهيا ويندڙ شان ۽ صائمه کي فلم ۾ موقعو ڏنو ويو. فلم رليز ٿيڻ کان پوءِ نه صرف انهن ٻنهي کي مقبوليت ملي پر سندن ڪيريئر به نئين راهه تي هليو ويو.سيد نور چيو ته شان وارو ڪردار اصل ۾ نعمان اعجاز لاءِ لکيل هو، پر جڏهن نعمان معذرت ڪئي ته مون شان کي اهو ڪردار ڏنو. شروعات ۾ فلم ٺاهيندڙ ۽ خريدار شان کي وٺڻ لاءِ راضي نه هئا ۽ پنهنجا پئسا به واپس گهريا، پر مون پنهنجي ضد تي شان کي ڪاسٽ ڪيو ۽ پوءِ اهو فيصلو ڪامياب ثابت ٿيو.سيد نور وڌيڪ ٻڌايو ته ساڳي ريت نيلي جي جڳهه تي صائمه کي چونڊيو ويو، ۽ ان فلم دوران ئي هو صائمه تي دل هاري ويٺو. بعد ۾ صائمه سندس زال بڻجي وئي.ياد رهي ته سيد نور جي پهرين شادي رخسانه نور سان ٿي هئي جن مان هن جو هڪ پٽ به آهي. رخسانه نور هاڻي فوت ٿي چڪي آهي. صائمه سان شادي بابت سيد نور اڳ به ٻڌائي چڪو آهي ته اها 1998 ۾ فلم چوڙيان جي رليز کان پوءِ ٿي هئي، پر هن ان جو اعتراف 2007 ۾، لڳ ڀڳ ڏهه سال پوءِ ڪيو هو.