سکر: سکر موٽروي تي نواز آباد جي حدن ۾ ڏوھارين جي حملي صورتحال کي خوفناڪ رخ ڏنو آهي، جتي ڏوھارين هٿان 10 بيگناھ مسافر اغوا ٿي ويا، جڏهنتہ 4 سخت زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ فرخ عباس، قلب عباس ۽ ٻيا شامل آهن. ذريعن موجب ڏوھارين شديد فائرنگ ڪري دهشت پکيڙي ۽ بس مان مسافرن کي لاهي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا. اغوا ٿي ويل ماڻهن ۾ عمران يوسف آرائين، عمر فاروق آرائين، راحيل احمد، عبدالمجيد، علي حسن اعواڻ، علي حسن بلوچ، شوڪت بلوچ، قمر، عنائت الله پتافي ۽ منير احمد شامل آهن. واقعي کان پوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهنتہ رينجرز جا اٽالا پڻ پهچي ويا آهن ۽ گڏيل آپريشن جي تياري ڪئي پئي وڃي. مقامي پوليس مطابق، انڊھڙ گينگ جي ڏوھارين خوف پيدا ڪري حملو ڪيو ۽ مسافرن کي اغوا ڪيو. صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ آپريشن جلد شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.