شهباز شريف جي بيجنگ دوري دوران پاڪ–چين لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق

بيجنگ: وزيراعظم شهباز شريف بيجنگ ۾ عوامي جمهوريه چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون پڻ ٿيون ۽ بعد ۾ چيني وزيراعظم طرفان وزيراعظم پاڪستان جي اعزاز ۾ پروقار مانجهاندو ڏنو ويو۔ ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪ–چين لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جو عزم ورجايو۔ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي علاقائي سالميت، خودمختاري ۽ اقتصادي ترقي لاءِ چين جي اڻٽٽ حمايت تي چيني قيادت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو۔ هن ملاقات ۾ صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي وچ ۾ 2 سيپٽمبر 2025 تي ٿيل ملاقات ۾ طئي ٿيل اتفاق راءِ کي اڳتي وڌائڻ جو به ارادو ظاهر ڪيو ويو۔ ٻنهي اڳواڻن گڏيل ايڪشن پلان (2024–2029) تي صحيحن کي هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو۔ وزيراعظم معاشي ڀائيواري تي ڳالهائيندي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو (بي آر آئي) ۽ چين–پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي گذريل ڏهاڪي جي ڪاميابين تي روشني وڌي ۽ قراقرم هاءِ وي، ريلوي لائين 1 جي بحالي ۽ گوادر پورٽ جي مڪمل آپريشنلائزيشن جي ضرورت تي زور ڏنو۔ ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ جي فيز 2 کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ نون پنجن ڪوريڊورز تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو۔ شهباز شريف بيجنگ ۾ بزنس ٽو بزنس سرمائيڪاري ڪانفرنس جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ان ۾ 300 کان وڌيڪ پاڪستاني ۽ 500 چيني ڪمپنيون شرڪت ڪري رهيون آهن۔ زراعت، معدنيات، ٽيڪسٽائيل، صنعت ۽ آءِ ٽي کي گڏيل اقتصادي تعاون جا ترجيحي شعبا قرار ڏنو ويو۔ وزيراعظم صدر شي جن پنگ جي عالمي گورننس، ڊولپمينٽ، سيڪيورٽي ۽ سولائزيشن انيشيوٽو تي پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو به اظهار ڪيو۔ ٻنهي اڳواڻن اهو به طئي ڪيو ته ايندڙ سال پاڪ–چين سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگره شاندار نموني ملهائي ويندي۔ ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سي پيڪ فيز 2، سائنس، ٽيڪنالاجي، آءِ ٽي، ميڊيا ۽ زراعت سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون به ڪيون ويون۔