برطانيا طرفان سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ لاءِ 45 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ امداد جو اعلان

اسلام آباد: برطانيا سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي فوري قدم کڻندي خميس تي اضافي 45 ڪروڙ 44 لک روپيه (12 لک پائونڊ) امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن امداد جو مقصد پاڪستان کي ٻوڏ سان لاڳاپيل مسئلن ۾ مدد ڏيڻ ۽ آفت اچڻ کان اڳ مقامي برادرين کي تيار ڪرڻ آهي۔ برطانوي هاءِ ڪميشن اسلام آباد جي پريس رليز موجب هن نئين امداد کان پوءِ پاڪستان لاءِ برطانيا جي گڏيل انساني همدردي جي امداد 95 ڪروڙ 80 لک روپيه (25 لک 30 هزار پائونڊ) تائين پهچي وئي آهي، جنهن ذريعي سموري ملڪ ۾ 4 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي زندگيون بچائڻ لاءِ مدد ڏني پئي وڃي۔ هي امداد سنڌ ۾ غير سرڪاري تنظيمن (اين جي اوز) کي ڏني ويندي، جيئن: وقت کان اڳ وارننگ سسٽم ۽ ڪميونٽي انخلا ڪمزور ۽ مستحق گهراڻن جي نشاندهي ضروري سامان ۽ چوپائي مال جي تحفظ جا قدم انخلا مرڪزن جي تياري ممڪن بڻائي سگهجي. اختيارين موجب هي قدم زندگيون بچائڻ ۽ آفت اچڻ کان اڳ برادرين کي محفوظ بڻائڻ لاءِ نهايت اهم آهن۔ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ چيو: “سندھ وٽ تياري ڪرڻ ۽ ايندڙ ٻوڏ جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ هي تمام اهم وقت آهي. هر هڪ ڊالر جيڪو بچاءُ تي خرچ ڪيو وڃي ٿو، ان سان بعد ۾ امدادي ڪاررواين ۾ ست ڊالر تائين جي بچت ٿيندي آهي، وڌيڪ زندگيون بچي سگهنديون ۽ تباهي کان بچاءُ ممڪن ٿيندو آهي۔”

هي امداد انهي 13 لک 30 هزار پائونڊ (50 ڪروڙ 36 لک روپيه) کان علاوه آهي، جنهن جو اعلان 22 آگسٽ تي ڪيو ويو هو. اها امداد خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ گلگت بلتستان ۾ فوري ردعمل ۽ امدادي ڪاررواين لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، جنهن ۾:

  • خشڪ راشن جي فراهمي
  • ڳولا ۽ بچاءُ جون ڪارروايون
  • موبائل ميڊيڪل ڪيمپس
  • پيئڻ جي پاڻي جي نظام جي بحالي
  • آبپاشي جي شاخن جي مرمت
  • روزگار ۽ زراعت جي بحالي

شامل آهن۔

ان کان علاوه برطانيا پاڪستان ۾ “اسٽارٽ ريڊي ڊيزاسٽر رسڪ فنانسنگ سسٽم” تحت به تعاون ڪيو آهي، جنهن لاءِ 18 ڪروڙ 90 لک روپيه (5 لک پائونڊ) جاري ڪيا ويا آهن. ان ذريعي پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 20 هزار ماڻهن تائين پهچ حاصل ڪئي وئي آهي، ته جيئن مستقبل ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ انساني نقصان کي گهٽائي سگهجي۔