ڏکڻ پنجاب ۾ درياهن ۾ پاڻي جي سطح ۾ خطري واري واڌ سبب ٻوڏ جون تباهڪاريون جاري آهن. راوي، چناب ۽ ستلج درياهن ۾ خطرناڪ چاڙهه سبب ڪيترائي بند ٽٽي پيا آهن ۽ سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن۔ ستَلج درياهه ۾ گنڊا سنگهه وٽ انتهائي مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي، جتي پاڻي وهڪرو 3 لک 27 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي۔ سليمانڪي ۽ اسلام هيڊورڪس تي به ساڳي صورتحال آهي ۽ پاڻي جو وهڪرو خطري کان مٿي آهي۔ بهاولپور جا 4 تعلقا مڪمل طور پاڻي هيٺ اچي ويا آهن۔ راوي درياهه ۾ به صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي، هيڊ سڌنائي ۽ هيڊ بلوڪي وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي۔ چناب درياهه ۾ خانڪي، هيڊ قادرآباد ۽ چنيوٽ وٽ به پاڻي جي سطح ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻهو سخت متاثر ٿي رهيا آهن۔ شيرشاهه بند اوور فلو ٿيڻ ڪري ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن، جڏهن ته اڪبر بند تي به پاڻي جو شديد دٻاءُ برقرار آهي۔علائقائي انتظاميا موجب ٻوڏ سبب لکن ماڻهن کي لڏ پلاڻ ڪرڻي پئي آهي ۽ ريسڪيو ٽيمون امدادي ڪارروايون جاري رکيو ويٺيون آهن۔