اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙي ڇڏيو آهي۔چار رڪني بينچ، جنهن جي سربراهي جسٽس ارباب طاهر ڪندا، 10 سيپٽمبر تي ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي۔ بينچ ۾ جسٽس خادم حسين سومرو، جسٽس اعظم خان ۽ جسٽس راجا انعام امين منھاس به شامل هوندا۔ياد رهي ته پهرين سيپٽمبر تي جسٽس انعام امين منھاس چيف جسٽس کي 4 رڪني بينچ جوڙي ٻڌڻي ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي۔ ان کان اڳ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪابينه کي نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا۔