مڪيش ڪمار چاولا ۽ مير نادر مگسي ٽوڙي بند پهتا
ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ)
سنڌ حڪومت پاران امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ فلڊ اينڊ رين ايمرجنسي ٽيم ڪنڌڪوٽ جي ٽوڙي بند پهچي پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو. صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس مڪيش ڪمار چاولا ۽ ايم پي اي مير نادر خان مگسي دورو ڪندي چيو ته اسان صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي حڪمن تي هتي پهتا آهيون، ته جيئن صورتحال جو جائزو وٺي سگهجي. ان موقعي تي ايڪسيئن ٽوڙي بند امير بخش مهر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اڄ سيلابي ريلو پجند پهچي رهيو آهي جيڪو ٻن ڏينهن بعد گڊو بئراج تائين پهچندو. سندس چوڻ هو ته ايريگيشن عملو 24 ڪلاڪ بندن تي موجود آهي، ۽ بند مڪمل طور تي مضبوط آهن، ايندڙ پاڻي آساني سان گذري ويندو. مير نادر خان مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڻي جي صورتحال في الحال ڪنٽرول ۾ آهي، لڳ ڀڳ 6 کان 7 لک ڪيوسڪ پاڻي پهچڻ جي اميد آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت جون تياريون مڪمل آهن. صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بندن تي موجود آهن ۽ بندن تي ڪم ڪندڙ عملي جي مڪمل حفاظت ڪئي ويندي.