ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ)
هر سال جيان هن سال به انجمن عادل شاهه بخاري ڪاميٽي ڪشمور جي طرفان جشن عيد ميلادالنبي ﷺ ۽ يارھين شريف جو عظيم الشان پروگرام منعقد ڪيو ويو. پروگرام جي شروعات فيضان مدينه کان ريلي جي صورت ۾ ٿي، جيڪا عاشقانِ رسول ﷺ وڏي جوش ۽ عقيدت سان ڪڍي درگاهه عاليه سخي سلطان عادل شاهه بخاري تي پهتي. ريلي ۽ محفل جي صدارت حضرت قبله پير سيد محسن علي شاهه بخاري ڪئي. محفل جو آغاز قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿيو، جنهن بعد نعت خوانن ــ حافظ ظفر سعيدي، محمد آصف حسين حسيني ۽ ٻين عاشقي رسول ﷺ ۾ سرشار نعتون ۽ منقبتون پيش ڪيون. پروگرام ۾ محمد بخش اويسي ۽ حضرت قبله پير سيد اختر علي شاهه هاشمي خطاب ڪندي چيو ته: 12 ربيع الاول حضور اڪرم ﷺ جي ولادت باسعادت جو ڏينهن آهي، جيڪو سڄي انسانيت لاءِ رحمت، محبت ۽ هدايت کڻي آيو. ميلاد ملهاڻ جو مقصد اهو آهي ته مسلمان پنهنجي زندگي حضور ﷺ جي سنتن ۽ تعليمات مطابق گذارين. حضور ﷺ جي سيرت پاڪ ۾ اخلاص، امانت، صبر، عدل ۽ انسانيت جي خدمت جا اصول موجود آهن، جيڪي اڄ جي معاشري لاءِ مشعلِ راهه آهن. عالمي ولي الله حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحه جي تعليمات کي به ياد ڪندي چيو ويو ته بزرگن جي زندگيون توحيد، محبتِ رسول ﷺ ۽ خدمت خلق جا عملي مثال آهن. آخر ۾ حضرت قبله پير سيد محسن علي شاهه بخاري دعا ڪرائيندي الله پاڪ کان امتِ مسلمه لاءِ اتحاد، امن، خوشحالي ۽ ملڪ جي سلامتي جي دعا ڪئي. محفل ۾ وڏي تعداد ۾ علائقي جا معزز ماڻهو، علماءَ ڪرام ۽ عاشقان رسول ﷺ شرڪت ڪئي. آخر ۾ ميلاد پاڪ جو لنگر پڻ تقسيم ڪيو ويو.