بهاولپور ۾ ستلج درياءَ جي ٻوڏ تباهي آڻي ڇڏي، زمينداري بند ٽٽي پيو، ڪيترائي گهر ڊهي پٽ

بهاولپور ۾ ستلج درياءَ ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ سبب ساهلان واري علائقي ۾ زمينداري بند ٽٽي پيو، جنهن بعد ٻوڏ جو پاڻي تيزيءَ سان حسين آباد ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو، جتي ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا. مقامي رهواسين محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. علائقي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته بند ٽٽڻ کان پوءِ رڳو چند ڪلاڪن ۾ پاڻي سندن گهرن، فصلن ۽ مال متاع کي وڪوڙي ويو. ڪيترن ئي علائقن ۾ رابطي جا ذريعا به متاثر ٿيا آهن. هوڏانهن بيڊ ترمون مان نڪرندڙ نون وهڪرن سبب خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جنهن تي ضلعي انتظاميا پاران ريڊ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر ملتان جو چوڻ آهي ته ايندڙ ٻن ڏينهن دوران 4 لک 14 هزار کان وڌيڪ ڪيوسڪ جو وهڪرو ملتان جي بندن سان ٽڪرائجندو، جيڪو وڏن جاني ۽ مالي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ڊي سي وڌيڪ چيو ته موجوده وهڪرا شجاع آباد، جلالپور پيروالا ۽ ڀرپاسي جي علائقن کي اڳ ئي متاثر ڪري چڪا آهن، جڏهن ته پاڻي جي وهڪري جي سست رفتاري سبب خطري ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي. علائقن جي رهواسين کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته هو عارضي طور تي گهر واپس نه وڃن ۽ محفوظ جڳهن تي ئي ترسڻ کي ترجيح ڏين. ٻئي پاسي، ڊي جي پي ڊي ايم اي پنجاب عرفان علي ڪاٺهيا ٻوڏ بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته گجرات ۾ تيز برساتن سبب مرڪزي نالن ۾ بريچنگ ٿي، جنهن ڪري ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي. هن ٻڌايو ته پاڻي جي نيڪاسي لاءِ مشينري علائقي ۾ پهچي وئي آهي ۽ ايندڙ 12 کان 18 ڪلاڪن دوران صورتحال بهتر ٿيڻ جي اميد آهي. پي ڊي ايم اي، ريسڪيو 1122 ۽ ٻيا ادارا فوري طور تي متحرڪ ٿي ويا آهن، جڏهن ته متاثرين لاءِ امدادي ڪيمپون قائم ڪيون پيون وڃن. انتظاميا پاران عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو آفيسرن جي هدايتن تي عمل ڪن ۽ افواهن تي ڌيان نه ڏين.