يومِ دفاع پاڪستان، ملڪ ڀر ۾ قومي جذبي سان ملهايو پيو وڃي

پاڪستان جو يومِ دفاع اڄ سڄي ملڪ ۾ ملي، قومي جذبي ۽ وقار سان ملهايو پيو وڃي، جتي شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي. ڏينهن جي شروعات اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي راڄڌانين ۾ 21 توپن جي سلامي سان ٿي.ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب ڪراچي ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي وقار ڀري تقريب ٿي، جنهن ۾ ايئر وائس مارشل شهريار خان مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. پاڪ فضائيه جي اصغر خان اڪيڊمي جي دستي گارڊ جي ذميواري سنڀالي. شهريار خان مزار تي گل رکيا، فاتحه خواني ڪئي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ لکيو ته: “پاڪ فضائيه هميشه قوم کي اعتماد ڏنو ۽ دشمن کي ناڪامي جو منهن ڏيڻو پيو.”