پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي گهٽجڻ لڳو، ٻوڏ وهڪرا اڄ رات سنڌو درياءَ ۾ داخل ٿيندا: ڊي جي پي ڊي ايم اي

ڊائريڪٽر جنرل پنجاب ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (PDMA) ڀارت طرفان هن وقت تائين ڪابه نئين ٻوڏ وهڪري جي اطلاع نه ملي آهي، جڏهن ته پنجاب جي دريائن ۾ هاڻي پاڻي جي سطح مسلسل گهٽجي رهي آهي. هن چيو ته موجوده ٻوڏ وهڪرا اڄ رات سنڌو درياءَ ۾ داخل ٿيندا، ۽ شير شاهه بند تي ٻيهر مٿانهين سطح جو وهڪرو گذرڻ جو امڪان آهي.سنڌ ۾ 8 لک ڪيوسڪ وهڪري جي اميد، 8 سيپٽمبر تي داخل ٿيندو ڊي جي پي ڊي ايم اي موجب، سنڌ ۾ 7 کان 8 لک ڪيوسڪ جو ٻوڏ وهڪرو متوقع آهي، جيڪو 8 سيپٽمبر تي ٻنپهرن جو سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿيندو.گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي تي مٿانهين ٻوڏ، ضلعن کي الرٽ جاري لاڳاپيل اختيارين موجب، هن وقت سنڌو درياءَ جي گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراجن تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ جي اطلاع ڏني وئي آهي. ضلعي انتظاميه کي الرٽ رهڻ ۽ حفاظتي انتظام تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.