ڪنڌڪوٽ لڳ ٽوڙي بند جو معائنو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ) پ پ ايم اين اي مير شبير علي خان بجاراڻي ۽ شهريار خان مهر ڪنڌڪوٽ لڳ ٽوڙي بند جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي کين ايريگيشن عملدارن بريفنگ پڻ ڏني. معائني بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مير شبير علي بجاراڻي چيو ته: هن وقت سنڌ جا بند تمام گهڻا مضبوط آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪي بند تي صورتحال خراب هئي، جيڪا هاڻي مڪمل طور تي بهتر ٿي وئي آهي. سال 2010 ۾ ٽوڙي بند کي ڪٽ نه هنيو ويو هو، پر اهو اوور ٽاپ ٿيو هو. “ڪير به ايتري جرئت نٿو ڪري سگهي جو بند کي ڪٽ هڻي. سنڌ مان ٻوڏ جو خطرو ٽري ويو آهي.” هن وڌيڪ چيو ته 5 لک ڪيوسڪ پاڻي ڪا وڏي ٻوڏ ناهي، اسان جا بند ايترا مضبوط آهن جو اهو وهڪرو آساني سان گذري ويندو. ان موقعي تي ايم پي اي شڪارپور پڻ ساڻس گڏ موجود هئا.