سپريم ڪورٽ رولز تي اعتراض لکت ۾ ڏنا وڃن: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي

چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ رولز ٺاهڻ لاءِ ججز کان راءِ ورتي وئي هئي، جن کي اعتراض آهي، اهي لکت ۾ پنهنجي راءِ جمع ڪرائين. اسلام آباد ۾ جوڊيشل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ٻڌايو ته فيسيليٽيشن سينٽر پهرين آڪٽوبر کان مڪمل طور تي ڪم شروع ڪري ڇڏيندو، جتي عوام کي سموري انفارميشن فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي ذريعي انصاف جي فراهمي کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، جڏهن⁠ ته اي-سروسز جي شروعات به ٿي چڪي آهي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ڪيسز کي جلد اڪلائڻ ترجيحات ۾ شامل آهي، عدالتي نظام ۾ شفافيت انصاف کي يقيني بڻائيندي. هن ٻڌايو ته اڳ درخواستون سڄو سال چيف جسٽس جي ڪمري ۾ رهنديون هيون، پر هاڻي جلد ڪارروائي لاءِ اندروني آڊٽ جو عمل به شروع ڪيو ويو آهي. جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته سپريم ڪورٽ رولز ۾ ججز جي موڪلن جو معاملو واضح ڪيو ويو آهي، عام موڪلن کان علاوه ٻي موڪل لاءِ اطلاع ڏيڻ ضروري هوندو. هن ٻڌايو ته سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ ججز خلاف 64 شڪايتن جو فيصلو ٿي چڪو آهي، 72 شڪايتون ميمبرن کي راءِ لاءِ ڏنيون ويون آهن، جڏهن⁠ته 65 ڪيسز رهجي ويا آهن، جيڪي جلد ورهايا ويندا. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته هن مهيني جي آخر تائين سپريم جوڊيشل ڪونسل جي گڏجاڻي ٿيندي، سڀ کان پراڻن ڪيسن تي پهرين فيصلو ڪيو ويندو. جسٽس يحيٰ آفريدي ٻڌايو ته ججز جي پروٽوڪول ۾ گهٽتائي آندي وئي آهي، اڳ ساڻس گڏ 9 سيڪيورٽي گاڏيون هلنديون هيون پر هاڻي صرف 2 گاڏيون رکيون ويون آهن، ڇاڪاڻ⁠تہ عدالت ۽ رهائش ريڊ زون ۾ هجڻ سبب وڏي سيڪيورٽي جي ضرورت ناهي.