موسميات کاتي سڀاڻي ڪراچي ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي ڪندي شهر ۾ ٻوڏ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. موسميات کاتي جي ترجمان انجم نذير موجب سانوڻي جو سسٽم ڊيپ ڊپريشن جي شدت سان برقرار آهي، جيڪو سامونڊي طوفان بڻجڻ کان اڳ جي هڪ اسٽيج آهي. هن چيو ته برساتي سسٽم جو مرڪز هن وقت ٿرپارڪر ۾ موجود آهي، جنهن سان 60 کان 70 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون لڳڻ جو امڪان آهي. ترجمان ٻڌايو ته ڪراچي ۾ سڀاڻي ٻنپهرن جو تيز برسات ٿي سگهي ٿي، جنهن سان شهر جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خطرو آهي. شهري علائقن ۾ انفرا اسٽرڪچر جي ڪمزوري سبب روڊن تي ٻوڏ، هيٺاهين علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿيڻ ۽ ٽريفڪ جي شديد رڪاوٽ جو امڪان آهي. انجم نذير چيو ته سموري اسپيل دوران ڪراچي ۾ 100 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات پئجي سگهي ٿي، تنهنڪري شهري احتياط ڪن، ڪچي علائقن ۽ وهڪرن کان پري رهن ۽ تيز برسات جي صورت ۾ گهرن اندر ئي محدود رهن.