سڄي سنڌ جي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ تدريسي عمل معطل ٿي ويو آهي، جڏهن ته صوبي جي حڪومت ۽ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين جو پهريون دور ناڪام ٿيو آهي۔
تفصيل موجب، سرڪاري اسڪولن جا استاد پنشن ۾ ڪٽوتي ۽ ڊي آر اي الاؤنس نه ملڻ خلاف سخت احتجاج ڪري رهيا آهن، جنهن سبب صوبي ۾ تعليمي سرگرميون بُري طرح متاثر ٿيون آهن۔ استادن جي بائيڪاٽ ڪري نه صرف ڪلاسون ناهن ٿي رهيون پر شاگردن کي هوم ورڪ ڏيڻ جو عمل به بند ٿي ويو آهي، جنهن ڪري لکين شاگردن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ سليبس به وقت سر مڪمل نه ٿي رهيو آهي۔
ريٽائرڊ استادن چيو آهي ته پنشن ۾ ڪٽوتي افسوسناڪ فيصلو آهي ۽ حڪومت کي فوري طور تي هي قدم واپس وٺڻ گهرجي، ڇو ته هن سال وڏي انگ ۾ استاد ريٽائر ٿي رهيا آهن ۽ اهڙي فيصلي سان سندن مسئلا وڌيڪ وڌندا۔ استادن واضح اعلان ڪيو آهي ته جيستائين پنشن ڪٽوتي ۽ ڊي آر اي الاؤنس جي بحالي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيندو، احتجاج جاري رهندو۔
ٻئي پاسي سنڌ ايمپلائيز الائنس جي اڳواڻن ۽ تعليم کاتي جي عملدارن وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور ناڪام ٿيو آهي، هاڻي ٻيو دور اڄ منجهند ٻه وڳي ٿيندو۔ ياد رهي ته سنڌ ايمپلائيز الائنس 6 آڪٽوبر تي بلاول هائوس جو گهيرو ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي۔ سندن اهم مطالبن ۾ تنخواه ۾ اضافو، ڊي آر اي الاؤنس جي بحالي ۽ پنشن ڪٽوتي وارو فيصلو واپس وٺڻ شامل آهي۔
