غوثپور: الصلاح المسمين جي سالياني ڪانفرنس، سماجي سڌاري لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو عزم

مذهبي جماعت الصلاح المسمين طرفان شهر جي هڪ نجي شادي هال ۾ سالياني جماعتي ڪانفرنس جو پروقار پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ضلعي ڪشمور جي مختلف شهرن ـ ڪنڌڪوٽ، بڊاڻي، بخشاپور، تنگواني ۽ ڪرمپور ـ کان جماعت سان لاڳاپيل سوين ڪارڪن شرڪت ڪئي.تقريب جو مک مهمان تنظيم جو صوبائي صدر مولانا قاضي مشہود هو، جڏهن ته ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، اقبال سوهو، وڪيل صاحب خان ملڪ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ شرڪت لاءِ موجود هئا.پنهنجي صدارتي خطاب ۾ قاضي مشہود چيو ته تنظيم جو مقصد سياست نه پر سماج جي بهتري لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي. “اسانجي مرشد محبوب سڄڻ سائين جي هدايت آهي ته جهر جھنگ وڃي مسڪينن جي دردن جو آواز بڻجو،” هن چيو.هن وڌيڪ چيو ته الصلاح المسمين جي پليٽ فارم تان بدامني کان متاثر ضلعي ۾ سماجي مسئلا حل ڪرڻ، قبائلي جهيڙن کي ختم ڪرڻ، خاص طور تي ٻارن ۽ نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ، برداشت جي قوت وڌائڻ ۽ نوجوانن جي روحاني، فڪري، معاشي ۽ سماجي تربيت لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. “اسان جون ڪوششون سماج جي سڌاري لاءِ جاري رهنديون.”ان کان اڳ پروگرام جي ميزبان خليفه ذوالفقار طاهري خاص مهمانن ۽ ضلعي جي عهديدارن کي اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي ڀليڪار ڪيو.

پنھنجي راءِ لکو