ڪراچي يونيورسٽي ۾ پوائنٽ بس هيٺ اچي شاگردياڻي انيقه سعيد فوت

ڪراچي يونيورسٽي ۾ افسوسناڪ حادثو، سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ جي سيڪنڊ ايئر جي شاگردياڻي انيقه سعيد پوائنٽ بس هيٺ اچي فوت ٿي وئي۔پوليس موجب، انيقه سعيد بس مان لهندي هئي ته ان دوران ڊرائيور بس کي ريورس ڪيو، جنهن سبب هوءَ هيٺ ڪري پئي ۽ بس جي هيٺان اچي موقعي تي ئي فوت ٿي وئي۔ حادثي کان پوءِ يونيورسٽي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي فضا ڇانئجي وئي، جڏهن ته وڏي تعداد ۾ شاگردياڻين احتجاج ڪيو۔مظاهرين يونيورسٽي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته حادثي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ ٽريفڪ ڪنٽرول ۽ سيڪيورٽي جا بهتر انتظام ڪيا وڃن۔ شاگردياڻين انتظاميه خلاف نعريبازي به ڪئي ۽ چيو ته يونيورسٽي ۾ ٽريفڪ جو ڪو واضح نظام ناهي، نه ئي اسپيڊ بريڪرز ۽ سائن بورڊ لڳايا ويا آهن، جنهن سبب شاگردياڻين جون زندگيون خطري ۾ آهن۔مظاهرين فوت ٿي ويل شاگردياڻي جي گهرڀاتين لاءِ مالي امداد جو به مطالبو ڪيو۔ حادثي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ امدادي ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا۔ٽائون پوليس موجب، يونيورسٽي جي پوائنٽ بس جي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فوت ٿي ويل شاگردياڻي جي وارثن قانوني ڪارروائي کان انڪار ڪندي لاش جي فوري حوالگي جو مطالبو ڪيو آهي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن سان ڳالهين جو عمل جاري آهي ۽ حادثي جي تفصيلي رپورٽ تيار ڪئي پئي وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو