ٺڪراٺو بمبلي مائنر تان لکين روپين جا سرڪاري وڻ وڍجڻ، آبپاشي عملي ۽ بااثر مقامي ماڻهن جي ملي ڀڳت موجب عمل جاري

ٺڪراٺو (رپورٽ) — ٺڪراٺو لڳ بمبلي مائنر تان لکين روپين جا سرڪاري وڻ وڍجڻ لڳا، جنهن ۾ ٻٻر، ٻير، نم ۽ ٽاريون شامل آهن، ۽ مقامي ماڻهن موجب هي سلسلو ڪافي وقت کان هلندڙ آهي۔ رپورٽ موجب بمبلي مائنر تي وڻ وڍڻ واري ڪارروائي ۾ مقامي بااثر ماڻهن ۽ آبپاشي عملي جي ملي ڀڳت شامل آهي، جڏهن⁠تہ اعلا عملدار بي خبر رهيا آهن۔ ميڊيا پاران مقامي داروغي دلاور مهر کان پڇا ڪرڻ تي هن ڳالھ کي گهمائيندي چيو ته واھ جي صفائي لاءِ يا مسجد جي ڪم لاءِ وڻ ڏنا ويا آهن، جڏهن⁠تہ وڻ وڍيندڙ پاڻ به داروغي جي اجازت جو ذڪر ڪيو۔ ذريعن موجب داروغي، سب انجنيئر ۽ ايس ڊي او ايريگيشن جي ملي ڀڳت سبب ڪنهن خلاف قانوني قدم نه کنيو ويو، ۽ مقامي واسي احتجاج ڪري چڪا آهن ته لکين روپين جي ماليت جا سرڪاري وڻ ايتري عرصي کان بااثر ماڻهن ۽ عملي جي مدد سان وڍيا پيا وڃن، جڏهن⁠تہ آبپاشي جا اعلا آفيسر سرڪاري وڻن جي واڍي کان بي خبر آهن۔

پنھنجي راءِ لکو