ٺڪراٺو ايس ايڇ او مبارڪپور خلاف تشدد جي الزام تي پاڪ ڪتاب سان احتجاج، ڪارروائي جو مطالبو

ٺڪراٺو (رپورٽ) — ٺڪراٺو ۾ مھتم برادريءَ جا ماڻھو عورتن سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي ايس ايڇ او مبارڪپور امداد جسڪاڻي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي مين چوڪ تي نعري بازي ڪئي ۽ پوليس جي اعلى آفيسرن کان اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ اهي قرآن پاڪ کڻي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر جي آفيسن آڏو ڌرڻو هڻندا۔ احتجاج ڪندڙن موجب 22 ورهين جو نوجوان شاگرد شير محمد عرف ببلو مھتم ٻه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مبارڪپور پاران کنڀي کڻي نامعلوم جڳھ تي بند ڪري بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن⁠تہ هن تي الزام لڳايو ويو ته هو شهر ۾ هلندڙ سماجي براين خاص ڪري جوا خلاف لکين ۽ ويڊيو رڪارڊ ڪري صحافين کي ڏئي ٿو، نوجوان جي والد محمد ابراهيم، والدہ مائي نصرت ۽ ٻين موجب نوجوان بنا ڏوھ جي تشدد جو شڪار ٿيو ۽ بعد ۾ رشوت وٺي آزاد ڪيو ويو۔ احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي سکر ۽ ڊي ايس پي پنوعاقل کان مطالبو ڪيو ته جاچ ڪري تشدد ۾ ملوث ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن⁠تہ ايس ايڇ او پاڻ في الحال ريڊ ۾ هجڻ جو ذڪر ڪيو۔

پنھنجي راءِ لکو