— متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جو هڪ اعليٰ سطحي وفد اڄ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪندو، جڏهن ته گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ان سلسلي ۾ اسلام آباد روانو ٿي ويو آهي۔تفصيل موجب ملاقات سڄي هڪ وڳي وزيراعظم هائوس ۾ شيڊول آهي۔ ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، گورنر ڪامران ٽيسوري، ڊاڪٽر فاروق ستار، امين الحق ۽ جاويد حنيف شامل هوندا۔ذريعن موجب ملاقات دوران سنڌ جي مجموعي صورتحال، گورننس ۽ ترقياتي منصوبن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون وينديون۔ايم ڪيو ايم جي قيادت وزيراعظم کي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پي آءِ ڊي سي ايل تحت ترقياتي اسڪيمون روڪڻ بابت پنهنجي تحفظات کان آگاهه ڪندي۔ ذريعن جو چوڻ آهي ته گرين لائين منصوبي جي بندش ۽ صوبائي حڪومت جي روَيي بابت به ڳالهه ٻولهه متوقع آهي۔ذريعن موجب وزيراعظم سان ملاقات کان پوءِ ايم ڪيو ايم پنهنجو سياسي ۽ پارلياماني لائحه عمل طئي ڪندي، ڇو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ترقياتي اسڪيمون بند ٿيڻ تي پارٽي کي سخت خدشا آهن ۽ هو وفاقي سطح تي ان معاملي تي واضح موقف اختيار ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا۔
