ٺڪراٺو (رپورٽ) — ايڊيشنل سيشن ڪورٽ پنوعاقل پاران ايس ايڇ او مبارڪپور امداد جسڪاڻي ۽ چئن نامعلوم اهلڪارن خلاف نوجوان شاگرد شيرمحمد مھتم تي وحشياڻي تشدد ۽ غيرقانوني حراست واري واقعي تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي، تفصيل موجب پنج ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مبارڪپور مبينا طور شاگرد کي هوٽل تان گرفتار ڪري نجي ٽارچر سيل ۾ رکي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن خلاف متاثر شاگرد پنهنجي وڪيل حاجي خان سومرو ذريعي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، عدالت فيصلو ٻڌائيندي حڪم ڏنو ته ايس ايڇ او ۽ لاڳاپيل اهلڪارن مٿان قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي۔
