ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) — سارين جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف آبادگارن ۽ هارين پاران پريس ڪلب آڏو بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج جي اڳواڻي آفتاب باجڪاڻي، شيرمحمد باجڪاڻي ۽ ٻين ڪئي، جن چيو ته حڪومت هٿ سان استحصال ڪري رهي آهي، غريب هاري سڄو سال پورهيي سان فصل تيار ڪري مارڪيٽ ۾ آڻين ٿا پر مناسب اگهه نه ملڻ سبب قرضي ٿي وڃن ٿا ۽ خرچ به پورو نٿو ٿئي، جنهن ڪري سخت معاشي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، مظاهرين جو چوڻ هو ته احتجاجن باوجود حڪومت ڪو نوٽيس ناهي ورتو، جڏهن ته ٻج، ڀاڻ، دوائون ۽ ٽريڪٽر مهانگا ملي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته حڪومت فوري طور نوٽيس وٺي، ٻي صورت ۾ حڪمرانن جو گهيراءُ ڪيو ويندو۔
