پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي افغانين کي احسان فراموش قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري پنهنجي پوسٽ ۾ شاهد آفريدي چيو ته پاڪستان هميشه افغان ڀائرن سان گڏ بيٺو آهي ۽ انهن جي پريشاني کي پنهنجي پريشاني سمجهيو آهي۔ هن لکيو ته پاڪستان پنهنجون سرحدون افغان ڀائرن لاءِ کوليون ۽ 40 لک کان وڌيڪ پناهگيرن کي پنهنجي ملڪ ۾ جايون ڏنيون۔قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ته هن ذاتي طور تي پنهنجي وسيلن موجب 350 افغان گهراڻن جي سار سنڀال ڪئي، پر افسوس آهي ته گذريل ڏينهن افغانستان اسان جي انهن سمورن احسانن کي وساري ڇڏيو۔شاهد آفريدي چيو ته افغانستان جي سرحدن تي جارحيت جو پاڪستان جي فوج ڀرپور جواب ڏنو، ۽ افغان حڪومت کي سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان هڪ پاڙيسري اسلامي ملڪ آهي، تنهنڪري کيس ڪنهن اهڙي قوت جي هٿ ۾ استعمال نه ٿيڻ گهرجي جيڪا اڳ ئي پاڪستان ۾ دهشتگردن جي مدد ۽ پناهه فراهم ڪري رهي آهي۔آفريدي جو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرحدي تڪرار ۽ فوجي ڇڪتاڻ ۾ واڌ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جنهن تي سوشل ميڊيا تي به تيز بحث جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو