بلاول ڀٽو ڪار ساز سانحو دهشتگردي جو وڏو واقعو، بينظير ڀٽو جو قتل ملڪ ۽ وفاق خلاف سازش هو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪار ساز سانحو ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو دهشتگردي جو واقعو هو، جڏهن ته بينظير ڀٽو جو قتل پاڪستان ۽ وفاق خلاف هڪ سازش هئي۔

شاهراهه فيصل تي ڪار ساز سانحي جي برسي جي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي (سي اي سي) جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويندو۔

بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان ۾ ڪيترائي اهڙا واقع ٿيا، پر 18 آڪٽوبر جهڙو وڏو دهشتگردي جو واقعو نه ٿيو۔ شهيد بينظير ڀٽو دهشتگردي جو مقابلو ڪندي شهادت ماڻي، هوءَ اميد سان وطن واپس آئي، ڪار ساز سانحي ۾ ڪيترائي ڪارڪن شهيد ٿيا، پر بي بي پنهنجي جدوجهد جاري رکي۔هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي اڄ به بي بي جي مشن تي هلندي پئي اچي ۽ اسان پنهنجي اڳواڻن جي مشن موجب عوام جي خدمت ڪندا رهنداسين۔سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ايڪس (پهرئين ٽوئيٽر) تي جاري پيغام ۾ بلاول ڀٽو چيو ته ڪار ساز سانحو اڄ به اسان جي ذهنن ۾ زخم وانگر تازو آهي۔ هن چيو ته 18 سال گذري چڪا آهن پر 177 کان وڌيڪ جيالن جون قربانيون هر ڏينهن جمهوريت جي دفاع جي ياد ڏيارينديون آهن۔بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اهو حملو آمريت ۽ دهشتگردي جي ملي ڀڳت سان منصوبه بندي تحت ڪيو ويو، پر قاتل پنهنجو مقصد حاصل نه ڪري سگهيا۔ “شهيدن جي رت سان ملڪ ۾ جمهوريت جو سج چڙهيو، اچو عهد ڪريون ته ڪار ساز شهيدن جي قرباني کي ضايع نه ٿيڻ ڏينداسين،” هن چيو۔

پنھنجي راءِ لکو