بلوچستان جي ضلعي تربت ۾ سي پيڪ روڊ تي ڇنڇر جي رات دير سان خوفناڪ روڊ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو۔ رپورٽن موجب حادثو ٻن گاڏين جي وچ ۾ ٽڪر سبب پيش آيو، اطلاع ملڻ شرط ريسڪيو ۽ پوليس ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو، زخمي کي به ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي۔ ريسڪيو اختيارين موجب فوت ٿيل ماڻهن ۾ شاهه جان ولد رحيم بخش، نعيم ولد نبي بخش ۽ بهادر ولد هاشم شامل آهن، جڏهن ته حادثي ۾ ڊاڪٽر شبير ولد ميران سخت زخمي ٿي پيا آهن۔ پوليس موجب حادثي کان پوءِ ذميوار ڊرائيور ٿڏي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته گاڏي کي ضبط ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي ته حادثي جا اصل سبب معلوم ٿي سگهن۔
