وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال چيو آهي ته 2022 جي ٻوڏ ۾ پاڪستان کي 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ۽ تباهي کي منهن ڏيڻو پيو، پر اڃا تائين صرف 60 ڪروڙ ڊالرن جي پرڏيهي امداد ملي آهي۔ رپورٽن موجب احسن اقبال ٻڌايو ته ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو اندازو 822 ارب روپيه (تقريبن 2.9 ارب ڊالر) لڳايو ويو آهي، جڏهن ته عالمي برادري جا واعدا اڪثر قرضن جي صورت ۾ هئا، جيڪي اڳ ۾ موجود سهولتن مان پورا ڪيا ويا۔ هن چيو ته اها هڪ ستم ظريقي آهي ته عالمي برادري 100 ارب ڊالرن جي ماحولياتي فنڊ جو واعدو ڪيو هو، پر هڪ ارب ڊالر به نه مليا۔ وفاقي وزير موجب حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته تازين ٻوڏن سبب زرعي ۽ انفرااسٽرڪچر کي ٿيل 3 ارب ڊالر جي نقصانن کي پرڏيهي امداد تي ڀاڙڻ بدران ملڪي وسيلن سان پورو ڪيو ويندو۔ احسن اقبال ٻڌايو ته نقصانن ۽ معاشي اثرن جي سروي جاري آهي جيڪا ٻن هفتن ۾ مڪمل ٿيندي۔ شروعاتي رپورٽ موجب 1,039 ماڻهو فوت، 1,067 زخمي ٿيا، جڏهن ته 822 ارب روپين جو زرعي ۽ انفرااسٽرڪچر نقصان ٿيو۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته 70 ضلعن ۾ 65 لک ماڻهو متاثر ٿيا، 40 لک عارضي طور بي گهر ٿيا، 2,811 ڪلو ميٽر روڊ تباهه، 2,200 چوپايو مال مري ويو، 2,200 اسڪول متاثر، 250 کان وڌيڪ صحت مرڪز ۽ 866 پاڻي جي فراهمي جا ڍانچا تباهه ٿيا۔ زرعي نقصانن بابت احسن اقبال چيو ته 34 لک ڪپهه جون ڳٺڙيون، 10 لک ٽن چانور ۽ 13 کان 33 لک ٽن ڪمند جو فصل متاثر ٿيو، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ نقصان پنجاب ۾ ٿيو، جتي نقصان 632 ارب روپين تائين پهتو۔ پنجاب جي وزيراعليٰ وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ هارين ۽ متاثر خاندانن لاءِ امدادي پيڪيج تي بريفنگ ڏني۔ ترقياتي خرچن بابت وفاقي وزير ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام تحت 40 ارب روپيه جاري ڪيا ويا، جيڪي گذريل سال جي 34.8 ارب روپين جي مقابلي ۾ 16 سيڪڙو وڌيڪ آهن۔ آخر ۾ احسن اقبال چيو ته نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن کي يونيورسٽي ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ته جيئن بيوروڪريسي کي عالمي معيار موجب تربيت ڏئي سگهجي۔ هن زور ڏنو ته سماجي سڌارا صوبن جي مڪمل شموليت کان سواءِ ممڪن نه آهن۔
