سنڌ جي زراعت واري وزير محمد بخش مهر چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي شرطن سبب صوبائي حڪومتون وفاق جي هدايت کان سواءِ هارين کي امدادي قيمت نٿيون ڏئي سگهن، جڏهن ته ڪڻڪ جي قيمت مقرر نه ٿيڻ سبب هاري سخت مالي دٻاءَ جو شڪار آهن۔محمد بخش مهر مطالبو ڪيو ته وفاق گهٽ ۾ گهٽ ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4 هزار 200 روپيه في مڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري۔ هن ٻڌايو ته پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي به گذريل ڏينهن وفاق کان ساڳي مطالبي جو اظهار ڪري چڪي آهي۔صوبائي وزير خبردار ڪيو ته جيڪڏهن هارين کي مناسب قيمت نه ملي ته اهي ڪڻڪ پوکڻ ڇڏي ٻين فصلن طرف رخ ڪري سگهن ٿا، جنهن سان ملڪ ۾ غذائي بحران پيدا ٿي سگهي ٿو۔محمد بخش مهر ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ”ڪڻڪ پوکيو سپورٽ پروگرام“ تحت 56 ارب روپين جو امدادي پيڪيج متعارف ڪرايو آهي، جنهن تحت هارين کي يوريا ڀاڻ ۽ ڊي اي پي خريد ڪرڻ لاءِ في ايڪڙ 24 هزار 700 روپيه سبسڊي ڏني ويندي۔ اها سهولت هڪ کان 25 ايڪڙ زمين رکندڙ 4 لک 11 هزار آبادگارن کي فراهم ڪئي ويندي۔هن ٻڌايو ته هينئر تائين 1 لک 32 هزار 601 هاري رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن ۽ وڌيڪ جي رجسٽريشن جو عمل جاري آهي۔ ان سان گڏ هاري ڪارڊ اسڪيم تحت 8 ارب روپيه به مختص ڪيا ويا آهن، جنهن تحت 52 هزار 933 هاري ڪارڊ سنڌ بينڪ جي برانچز ذريعي ورهائڻ جو عمل جاري آهي۔ اها اسڪيم 58 ارب روپين جي امدادي پيڪيج کان ڌار آهي۔زراعت واري وزير چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي هدايت تي سنڌ حڪومت هارين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي۔
