مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان اسان جي ريڊ لائن آهي، ملڪ جي طرف ڪنهن کي به ميري اک سان ڏسڻ نه ڏينداسين۔نوازشريف اهي ڳالهيون وزيراعظم شهبازشريف سان جاتي امرا ۾ ٿيل ملاقات دوران ڪيون۔رپورٽ موجب وزيراعظم شهبازشريف مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ نوازشريف سان ملاقات لاءِ جاتي امرا پهتو، جتي ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ملاقات دوران وزيراعظم شهبازشريف، نوازشريف کي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو۔ان موقعي تي نوازشريف چيو ته قوم جا پٽ پنهنجي حياتين جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ ملڪ جي حفاظت ڪري رهيا آهن، ۽ اسان ڪنهن به قوت کي پاڪستان جي سلامتي سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين۔
