ڄامشورو جي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي (لمس) جي هاسٽل مان هڪ نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي۔ فوتي جي سڃاڻپ عبدالله سومرو طور ٿي آهي، جيڪو بلاول ميڊيڪل ڪاليج ۾ ايم بي بي ايس جي چوٿين سال جو شاگرد ۽ جيڪب آباد جو رهواسي هو۔اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ لمس يونيورسٽي جا عملدار واقعي واري هنڌ پهتا ۽ لاش کي لمس اسپتال منتقل ڪيو۔ذريعن موجب عبدالله سومرو لمس جي پي جي هاسٽل جي ڪمري نمبر 35 ۾ رهندو هو، جڏهن ته سندس گوليون لڳل لاش السينا بوائز هاسٽل جي ڪمري نمبر 144 مان هٿ ڪيو ويو، جتي هو پنهنجي دوستن وٽ آيو هو۔ڄامشورو پوليس جو چوڻ آهي ته ابتدائي جاچ موجب نوجوان ذهني طور پريشان هو، ۽ پنهنجي دوستن سان گڏ وقت گذارڻ لاءِ آيو هو۔ جڏهن سندس دوست ڪمري کان ٻاهر ويا ته هن دروازو بند ڪري، لائوڊ اسپيڪر تي آواز تيز ڪري پاڻ مٿان پسٽل سان فائر ڪري ڇڏيو۔ سندس ڀرسان پسٽل پڻ هٿ آئي آهي، جيڪا فارنزڪ جاچ لاءِ اماڻيو ويندي۔پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن ڪو ٻيو رخ سامهون آيو ته ان تي به ڪارروائي ڪئي ويندي، في الحال معاملو آپگهات جو لڳي رهيو آهي۔ٻئي طرف لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميا به تصديق ڪئي آهي ته عبدالله سومرو ذهني پريشاني جو شڪار هو ۽ مبينا طور آپگهات ڪيو۔ انتظاميا موجب سندس وارثن کي اطلاع ڪيو ويو آهي۔
