ايران چيو آهي ته سندس ايٽمي پروگرام بابت دنيا سان ڪيل 10 ورهين وارو معاهدو هاڻي مڪمل ٿي چڪو آهي۔ايراني پرڏيهي وزارت جي بيان موجب 2015 جي ايٽمي معاهدي جون سموريون شقون ڇنڇر جي ڏينهن ختم ٿي چڪيون آهن، تنهنڪري هاڻ ايران انهي معاهدي جو پابند نه رهيو آهي۔بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايران اڃا به سفارتڪاري لاءِ پرعزم آهي ۽ پرامن طريقن سان پنهنجو موقف برقرار رکندو۔ياد رهي ته 2015 ۾ “گڏيل جامع پلان آف ايڪشن (JCPOA)” جي نالي سان ٿيندڙ معاهدي ۾ ايران، آمريڪا، برطانيه، فرانس، جرمني، روس ۽ چين شامل هئا۔
انهي 10 سالن جي معاهدي تحت ايران پنهنجي ايٽمي پروگرام کي محدود ڪرڻ تي راضي ٿيو هو، جنهن جي بدلي ۾ ايران تي لڳايل اقتصادي پابنديون ختم ڪيون ويون هيون۔واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 2018 ۾ پنهنجي دورِ حڪومت دوران انهي معاهدي مان نڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کان پوءِ معاهدي تي عملدرآمد جزوي طور متاثر ٿيو هو۔
