پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس، پنجاب حڪومت جي رويي تي خدشن جو اظهار

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي (سي اي سي) جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب حڪومت جي رويي تي شديد خدشن جو اظهار ڪيو ويو۔اجلاس جي صدارت صدر آصف علي زرداري ڪئي، جنهن ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان، خطي جي ڇڪتاڻ ۽ پنجاب جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي۔ اجلاس دوران (ن) ليگ جي قيادت سان آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي حاليه ملاقاتن بابت به غور ڪيو ويو، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن کي حڪومت سان ڳالهين ۾ ٿيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو۔ذريعن موجب اجلاس ۾ قانوني، پارلياماني ۽ آئيني معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ ڄاڻايو ويو ته (ن) ليگ سان ڪيترن ئي حل طلب معاملن تي اڳڀرائي ٿي آهي۔ اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف سان ٿيل ملاقات ۾ مختلف اهم سياسي ۽ انتظامي مسئلن تي ٿيل ڳالهين بابت به شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ويو۔آزاد ڪشمير حڪومت جي حوالي سان (ن) ليگ سان ٿيل ڳالهين ۽ مختلف آپشنز تي به غور ڪيو ويو۔ ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي ڪيترن ئي اڳواڻن پنجاب جي انتظامي ۽ حڪومتي رويي تي خدشا ظاهر ڪيا، سندن چوڻ هو ته پنجاب ۾ پيپلز پارٽي کي فيصلا سازي ۽ مشاورت ۾ شامل نه پيو ڪيو وڃي۔ان موقعي تي پنجاب جي اڳواڻن ٻوڏ کان اڳ ۽ بعد جي انتظامي صورتحال بابت تفصيلي رپورٽ سي اي سي اجلاس ۾ پيش ڪئي۔

پنھنجي راءِ لکو