خيرپور ۾ هڪ دل ڏاريندڙ ۽ المناڪ واقعو پيش آيو، جتي مبينه طور هڪ عورت پنهنجي مڙس ۽ چار ٻارن کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.پوليس موجب اطلاع ملڻ تي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته سڀني ڇهن فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.پوليس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته فوتين ۾ نويد آرائين، احمد علي، موسيٰ، مصوره، علي شير ۽ اقصىٰ شامل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ مختلف رخن کان ٿي رهي آهي، جڏهن ته عورت جي هٿ مان هڪ پسٽل پڻ ملي آهي، جنهن کي شاهدي طور قبض ۾ وٺي وڌيڪ جاچ لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي.پوليس موجب في الحال ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو، پر حقيقتون جلد عوام آڏو آنديون وينديون. علائقي ۾ واقعي کان پوءِ خوف ۽ حراس جي لهر ڇانئجي وئي آهي۔
