گارڊن پوليس جي ڪارروائي جعلي ڪرنسي ۽ ملازمت جا جعلي ليٽر ٺاهيندڙ ملزم گرفتار

ڪراچي گارڊن پوليس خفيه اطلاع تي ڪارروائي ڪندي جعلسازي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو۔ پوليس موجب گرفتار ٿيل شخص وٽان جعلي جائننگ ليٽر، پاڪستاني ڪرنسي، ڊالر، پي آءِ اي ۽ اي اين ايف جا جعلي جوائننگ آرڊر، جعلي چيڪ، پلاٽ جا جعلي ڪاغذ، ڊالر ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪارا ڪاغذ، ڪيميڪل ۽ ٻيون شيون هٿ ڪيون ويون آهن۔ايس ايس پي سٽي موجب گرفتار جوابدار پنهنجي ساٿين سان گڏجي سادا لوح شهرين کي نوڪري جو ڪوڙو آفر ڏئي لوٽيندو هو ۽ انهن کي جعلي جوائننگ آرڊر فراهم ڪندو هو۔ پوليس موجب جوابدار گذريل چار سالن کان جعلسازي ۾ ملوث آهي ۽ ڪرنسي نوٽن جو صحيح سائيز ٺاهڻ لاءِ ڪيترائي ڊائَ به تيار ڪري رکيا هئا۔ پوليس جي مطابق جوابدار وٽان ڪرنسي نوٽن جي سائيز جا وڏي انگ ۾ اڇا ڪاغذ به برآمد ٿيا آهن۔

پنھنجي راءِ لکو