ڪنڌڪوٽ ۾ شهيد صحافي شاهد سومرو جي 23هين ورسي سياسي ۽ صحافتي برادري جو ڀرپور خراجِ تحسين

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) — ڪنڌڪوٽ جي بهادر، دلير ۽ بيباڪ صحافي شهيد شاهد سومرو جي 23هين ورسي پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ ۾ وڏي احترام سان ملهائي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي ۽ صحافتي برادري جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ جي صدر لياقت علي کوسو، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر وڪيل عبدالغني بجاراڻي، شھري اتحاد جي صدر ڊاڪٽر مھر چند، سومرا برادري جي معزز انجنيئر منظور احمد سومرو، جماعت اسلامي سنڌ جي اڳواڻ حافظ نصر الله عزيز چنه، سينيئر صحافي مسعود عالم سومرو، دليپ ڪمار ٺاڪر، راجا گوپي چند، شهيد شاهد سومرو جو ڀاءُ عبدالعزيز سومرو، ايس يو پي اڳواڻ ظريت بجاراڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، مولوي رفيع الدين چنه، جسم اڳواڻ گھايل سنڌي، ڪامريڊ عباس باجڪاڻي، دودو خان نندواڻي ۽ مقدم فتح محمد سومرو سميت ٻين شرڪت ڪئي. مقررین چيو ته شهيد شاهد سومرو مظلومن جو آواز هو، جنهن صحافت ذريعي فرسوده ريتن رسمن، سرداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف بيباڪي سان لکيو ۽ مظلومن جو ساٿ ڏنو. انهن چيو ته شاهد سومرو کي 23 سال اڳ اسان کان کسي ورتو ويو، پر اڄ به هو اسان جي دلين ۾ زنده آهي. مقررین سندس قلمي خدمتن تي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته شهيد سومرو جي تحريرن سبب ڪيترن ئي قبيلايي تڪرارن جو خاتمو ٿيو ۽ هن قلم جي طاقت سان سماج ۾ تبديلي آندي.

پنھنجي راءِ لکو