ڪراچي ۾ رينجرز منگھوپير روڊ تي ڪارروائي ڪندي فتنہ الخوارج سان لاڳاپيل ٽن انتهائي گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔ترجمان رينجرز موجب گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ زيدالله عرف زيدو، نور زاده ۽ عثمان شامل آهن، جيڪي خوارجي امير شمس القيوم عرف زاويل عرف زعفران جا ويجها ساٿي هئا۔ترجمان ٻڌايو ته جوابدار علائقي جي شهرين جا فون نمبر شمس القيوم کي ڏيندا هئا، جيڪو انهن نمبرن تي ڀتّي لاءِ ڪال ڪندو هو۔گرفتار جوابدارن اعتراف ڪيو ته هو ڪنوارِي ڪالوني ۾ منشيات وڪڻندڙن کان ڀتّي وٺڻ ۽ لينڊ گريبي ۾ به ملوث هئا۔مزید ترجمان ٻڌايو ته نور زاده جو ڀاءُ خان زاده عرف حنظله ۽ عثمان جو ڀاءُ عمر خطاب به خوارج گروپ جو حصو هئا، جيڪي بعد ۾ مارجي ويا۔ترجمان موجب زيدالله عرف زيدو کي ٿاڻو ايڪسائيز ڪورنگي ۽ اين ايف (ANF) کي به گهربل هو، جڏهنته رينجرز گرفتار جوابدارن خلاف وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔
