ڪراچي جي علائقي رامسوامي ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب مڙس فوت ۽ زال زخمي ٿيڻ واري واقعي کان پوءِ مشتعل ماڻهن ڊمپر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهن خلاف ڊمپر ايسوسيئيشن احتجاجي دھرڻي جو اعلان ڪيو آهي۔اي آر وائي نيوز موجب، حادثي کان پوءِ ڊمپر ايسوسيئيشن جي صدر لياقت محسود هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته مون کي رات 12 وڳي حادثي جي اطلاع ملي، جنهن بعد مون ايس ايس پي کي فون ڪري وڌيڪ نفري موڪلڻ جي درخواست ڪئي۔هن ٻڌايو ته ايس ايڇ او جي فون تي، هو ايسوسيئيشن جي 20 کان 25 ميمبرن سان گڏ واقعي واري هنڌ پهتو ۽ اتي بيان ڏنو ته جيڪو ٻار شهيد ٿيو آهي، مان ان سان گڏ آهيان۔لياوقت محسود چيو ته ان وقت اتي ٻه کان اڍائي هزار ماڻهو گڏ هئا۔ هن الزام هنيو ته مون تي قاتلانه حملو ڪيو ويو، ۽ اعلان ڪيو ته اڄ منجهند جو دھرڻو ڏنو ويندو، جنهن دوران 3 وڳي سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي بند ڪئي ويندي۔
