بيورو چيف) – غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج ٽيچنگ سول اسپتال سکر جي خستہ حال ميڊيڪل وارڊ ۾ افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جتي ميڊيڪل يونٽ ون ۾ داخل 60 ورهين جي عورت فاطمه مٿان ڇت مان پيڊسٽل فين ڪري پيو، جنهن سبب هوءَ سخت زخمي ٿي پئي.
عيني شاهدن موجب، فين ڪري پوڻ وقت زور دار آواز آيو، جنهن سان وارڊ ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو. زخمي عورت کي فوري طور آپريشن ٿئيٽر منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن موجب سندس حالت انتہائی ڳڻتي جوڳي آهي، ۽ سندس مٿي ۽ چهري تي گهريون چوٹون آھن.سول اسپتال جي ذريعن موجب، ميڊيڪل وارڊ جا برقي سامان ۽ ڇتا تمام پراڻا ۽ خستہ حال آهن. انهن جي مرمت يا تبديلي لاءِ ڪيترائي ڀيرا اعليٰ اختيارين کي لکت ۾ آگاهه ڪيو ويو، پر ڪا به عملي ڪارروائي نه ٿي.ذرائع جو چوڻ آهي ته جڏهن کان ڊاڪٽر الطاف اعواڻ کي اسپتال جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو آهي، اسپتال جي انتظامي ۽ فني حالتن ۾ سڌارو اچڻ بدران صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. ياد رهي ته ڊاڪٽر الطاف اعواڻ کي ماضي ۾ به انتظامي نااهلي سبب ٻه ڀيرا معطل ڪيو ويو هو، پر بااثر سياسي شخصيتن جي مداخلت سبب کيس ٻيهر بحال ڪيو ويو.واقعي کان پوءِ اسپتال انتظاميا حرڪت ۾ اچي متعلقہ يونٽ انچارج کان ابتدائي رپورٽ طلب ڪئي.ٻئي طرف، ميڊيڪل ايڊمنسٽريٽو آفيسر ڊاڪٽر اختيار علي ميراڻي وضاحت ڪندي چيو ته “گذريل ڇهه مهينا اڳ سيڪريٽري صحت کي ايم اينڊ آر ليٽر موڪليو ويو هو، پر مرمتي ڪم جي منظوري اڃا تائين نه ملي آهي، جنهن سبب وارڊن ۾ مرمت جو ڪم روڪيل آهي. مريضه جو علاج اسپتال ۾ جاري آهي.”عوامي حلقن ۽ مريضن جي تيماردارن مطالبه ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪري ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ۽ پراڻو برقي سامان فوري طور تبديل ڪيو وڃي ته جيئن مريضن جي زندگين جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي
