ڪراچي: لياقت علي خان جي ورسي تي عام موڪل ڏيڻ جو مطالبو سامهون اچي ويو، جنهن لاءِ قرارداد سنڌ اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي وئي آهي۔تفصيل موجب متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي ورسي جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪيو وڃي۔ هي قرارداد ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جمال احمد، قرت العين، نصير احمد ۽ فيصل رفيق پاران سنڌ اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي وئي آهي۔قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته لياقت علي خان پاڪستان جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، تنهن ڪري سندن خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ 16 آڪٽوبر کي عام موڪل قرار ڏنو وڃي۔ياد رهي ته لياقت علي خان جي ورسي هر سال 16 آڪٽوبر تي ملهايو وڃي ٿو۔ 16 آڪٽوبر 1951 تي راولپنڊي ۾ هڪ جلسي دوران کين فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو هو۔
