ڪراچي ۾ وڪرو ٿيندڙ سڀئي ڊيري دودھ جا نمونا غير معياري نڪتا انساني استعمال لائق نه قرار

ڪراچي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيل ليبارٽري رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته شهر ۾ مختلف هنڌن کان گڏ ڪيل دودھ جا سڀئي نمونا غير معياري، مضرِ صحت ۽ انساني استعمال لائق نه آهن.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ دودھ جي قيمتن ۾ اضافي خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران، عدالت جي حڪم تي معائنو ڪندڙ ميمبر دودھ جي معياربابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي.رپورٽ موجب مختلف علائقن مان ورتل نمونا اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي ڏانهن موڪليا ويا هئا، جتي سڀئي نمونا غير معياري، آلودہ ۽ صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيا. ڪنهن به نموني کينسانياستعمال جي قابل نه قرار ڏنو ويو.عدالت ليبارٽري رپورٽ کي رڪارڊ جو حصو بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان دوران ڪميشنرراچي طرفان دودھ جي قيمتن بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن پڻ پيش ڪيو ويو.ڪميشنر جي نوٽيفڪيشن موجب، اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ 27 نومبر تي نئون ريٽ مقرر ڪيو ويو، جنهن تحت:ڊيري فارمز جي سطح تي 200 رپيا في ليٽرريٽيلرز لاءِ 220 رپيا في ليٽردودھ جي وڪرو جي قيمت رکڻي هوندي

پنھنجي راءِ لکو